جنون جي اڌ صدي

جنون جي اڌ صدي

جنون جي اڌ صدي

جنون جي اڌ صدي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري اديب، ليکڪ حسن وساڻ جي آتم ڪٿا جو ‘شڪست’ جي نالي سان پهريون ڀاڱو آهي. هي ڪتاب ليکڪ جي زندگيءَ جي تجربن ۽ مشاهدن جو آئينو آهي. جنهن ۾ ليکڪ زندگيءَ جي ڪيترن ئي رازن تان پردو کڻڻ سميت زندگيءَ سان سلهاڙيل واقعن کي شامل ڪيو آهي. ڪتاب جو مهاڳ ناليواري دانشور رسول بخش پليجي لکيو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر نذير احمد چارڻ ۽ نظير سومري جا ليکڪ بابت رايا شامل آهن. هن ڪتاب جي ارپنا ليکڪ پنهنجي وني ‘امام زادي’ کي ڪئي آهي. ڪتاب جي آخر ۾ رنگين تصويرون پڻ ڏنل آهن. هن ڊيمي سائيز جي 194 صفحن تي مشتمل ڪتاب کي وساڻ پبليڪيشن سانگهڙ 2015ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو